انيتا غلام علي

انيتا غلام علي

انيتا غلام علي

انيتا غلام علي: انيتا غلام علي، ماهر تعليم ۽ سماجي اڳواڻ آهي. 2 آڪٽوبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتائين. پاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج، جسٽس فيروز علي نانا جي ڌيءَ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڏوهٽي آهي. ابتدائي تعليم سينٽ لارنس اسڪول، ڪراچيءَ مان ورتائين. جڏهن ته مئٽرڪ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين، تنهن دور ۾ يونيورسٽي ۾ مئٽرڪ جا امتحان ورتا ويندا هئا. 1957ع ۾ بي. ايس سيءَ جي ڊگري، ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ 1960ع ۾ مائڪرو بائلاجيءَ ۾ ايم. ايس. سي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. 1961ع ۾ سنڌ مسلم سائنس ڪاليج ۾ ليڪچرر مقرر ٿي. پنهنجي تعليمي ڪئريئر دوران ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ ۽ پوءِ سينيٽ جي ميمبر رهي. 1985ع ۾ اقوام متحده جي ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي ڊپٽي ليڊر طور شرڪت ڪيائين. پاڪستان ڪاليج ٽيچرز ائسوسيئيشن سنڌ جي صدر به رهي چڪي آهي. آپا انيتا 1960ع کان 1972ع تائين ريڊيو پاڪستان تي انگريزيءَ ۾ خبرون پڙهندي هئي. پاڻ تعليمي ۽ سماجي مسئلن تي ڪيترائي مقالا لکي چڪي آهي. ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. سندس خدمتن جي اعتراف طور کيس ڪيترائي اعزاز ۽ اوارڊ ملي چڪا آهن. جن ۾ تمغهءِ حسنِ ڪارڪردگي (1999ع) ۽ ستاره امتياز (2004ع) نمايان آهن. سنڌ جي نگران ڪابينه ۾ ٻه ڀيرا وزير تعليم به رهي چڪي آهي، ان کان علاوه راندين، ثقافت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت نوجوانن واري وزارت جون به مختصر ذميواريون نڀايون اٿس. لڳ ڀڳ ويهارو سالن کان سنڌ حڪومت جي ”سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن“ جي سربراهه رهي. انيتا غلام علي 8 آگسٽ 2014ع تي گذاري وئي.


لفظ انيتا غلام عليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.10.02  عيسوي

انيتا غلام علي 2 آڪٽوبر 1934ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو


2014.08.08  عيسوي

انيتا غلام علي 8 آگسٽ 2014ع تي گذاري وئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرين پالاري
مولانا محمد علي سنڌي
شمع سنڌي
برهمچاري پرڀوداس
سيد سليمان ندوي
تارا ٻائي
مڪيش بارٿاڻي
صديقي محمد صالح
ايشوري جوتواڻي 2
ثمينه وقار
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون